درويش قطب

درويش قطب: درويش قطب، مخدوم نوح رح جو خاص مريد هو. سندس حالت هميشه استغراق واري هوندي هئي. روايت آهي ته هڪ ڀيري درويش قطب بوبڪ شهر ۾ آيو، هڪ طالب علم کانئس پڇيو ته ڪنهن جو مريد آهين؟ ان تي هن جواب ڏنو ته: ”آءٌ خدا جو مريد آهيان.“ ان تي طالب علم کي گھڻي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي آيو، پر درويش قطب، جعفر بوبڪائيءَ وٽ اهڙا ته دليل پيش ڪيا، جو اتي موجود وڏا وڏا عالم به حيران ٿي ويا.
آخر ۾ ٻڌايائين ته: ”آءٌ مخدوم نوح هالائيءَ جو مريد آهيان.“ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ سندس علمي قابليت مان نهايت ئي متاثر ٿيو، جنهن بعد جعفر بوبڪائي، درويش قطب جو گھڻو ادب ڪندو هو ۽ کيس چاهيندو به گھڻو هو. درويش قطب جون سوين ڪرامتون سنڌ جي قلمي ڪتابن ۽ بياضن ۾ موجود آهن. ’تحفة الڪرام‘، ’دليل الذاڪرين‘ ۽ ’تذڪرة مشاهير سنڌ‘ ۾ سندس ڪرامتون ڄاڻايل آهن. درويش قطب 960هه/1553ع واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي. اهو دؤر ترخان گھراڻي جي حڪومت جو دؤر هو.


لفظ درويش قطبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو